حڪومت جو اليڪشن ڪميشن کان غير جانبداري ثابت ڪرڻ جو مطالبو

وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان پنهنجي غير جانبداري ثابت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، فواد چوڌري ۽ علي ظفر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

شبلي فراز چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ اسان جي ڪلچر کي پيسي جو ڪلچر ٺاهيو، ڪرپشن جو ۽ پيسي جو استعمال سڄي سوسائٽي تائين پکيڙيو ويو، هنن هن ملڪ جي اخلاقيات کي نقصان رسايو.

ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن سميت سمورن ادارن جو احترام ڪيون ٿا، ادارا پنهنجي غير جانبداري پنهنجي قدمن مان ظاهر ڪندا آهن پريس ريليز سان نه، اليڪشن ڪميشن جي وزير اعظ۾ جي خلاف پريس ريليز سٺي نه لڳي، وزير اعظم جي بيان تي آئيني اداري طرفان پريس ريليز جقاري ڪرڻ غير مناسب آهي ۽ ان تي تنقيد ٿيندي، عمران خان هميشه چيو ته چونڊن ۾ ادارا غيرجانبدار رهن، عمران خان اِهو ئي ته چيو هو ته اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن ۾ شفافيت يقيني نه بڻائي سگهي، اِها ڏک جي نه پر شرم جي ڳالهه آهي.

Read Previous

”وزير اعظم سڀاڻي پنهنجي وڪاميل ميمبرن کان اعتماد جو ووٽ وٺندو“

Read Next

هاڻ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي طبي علمي کي ڪورونا لڳندي، نوٽيفڪيشن جاري

Most Popular