پي ڊي ايم سينيٽ چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو

پي ڊي ايم سينيٽ چيئرمين جي لاءِ يوسف رضا گيلاني جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شير پائو، عثمان ڪاڪڙ، ساجد مير، ميان افتخار حسين، يوسف رضا گيلاني، شاهد خاقان عباسي، راجه پرويز اشرف به شرڪت ڪئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف لنڊن مان ورچوئلي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي لاءِ گڏيل اميدوارن، لانگ مارچ جي تيارين ۽ حڪمت عملي، وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ کان پوءِ جي صورتحال ۽ گڏيل ملڪ جي سياسي حالتن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس دوران لانگ مارچ جي لاءِ قائم خصوصي ڪميٽي سفارشون پيش ڪيون. سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته لانگ مارچ 26 مارچ کان ڪراچي مان هڪ عوامي اجتماع سان گڏ شروع ڪيو ويندو. سمورا جلوس 30 مارچ تي ٻنپهرن جو 3 وڳي تائين اسلام آباد پهچندا.

Read Previous

عورتن جي عالمي ڏينهن تي گوگل ڊوڊل تبديل ڪري عورتن کي خراج تحسين پيش ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر هنگامي جي ور چڙهي ويو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر آمهون سامهون

Most Popular