سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٻيهر هنگامي جي ور چڙهي ويو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر آمهون سامهون

سنڌ اسيمبلي ۾ باغي ميمبر جي حڪومتي بئنچن تي ويهڻ تي هنگامو، اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبر گوڙ ڪندا رهيا. مخالف ڌر ايجنڊا جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي. شهريار شر ۽ اسلم ابڙو جي حڪومتي بينچز تي ويهڻ تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج شروع ڪيو. حڪومتي ميمبرن اپوزيشن جي نعرن جو به جواب ڏنو جنهن تي ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو. اجلاس ۾ لوٽي لوٽي جا نعرا هنيا ويا جنهن کان پوءِ اسپيڪر اجلاس 10 منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هي غلط طريقو آهي. افسوس آهي ته ميمبرن کي رولز جي خبر ئي ناهي هي ڪتاب پنهنجي منهن تي هڻو. رول 8 ۾ وڃو ڏسو اهڙي طرح جو رويو اختيار نٿو ڪري سگهجي.

Read Previous

پي ڊي ايم سينيٽ چيئرمين لاءِ يوسف رضا گيلاني جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو

Read Next

پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس جاري، سينيٽ چيئرمين لاءِ گڏيل اميدوار جي منظوري جو امڪان

Most Popular