سينيٽ چونڊ: صادق سنجراڻي چيئرمين ۽ مرزا محمد آفريدي ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا

سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ حڪومتي اميدوارن مخالف ڌر اميدوارن کي شڪست ڏئي ڇڏي.

حڪومت طرفان نامزد ڪيل صادق سنجراڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي ويو جڏهن ته مخالف ڌر اميدوار يوسف رضا گيلاني کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ مرزا محمد آفريدي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري کي شڪست ملي.

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ:

سينيٽ جو اجلاس مظفر حسين شاهه جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي لاءِ ووٽنگ ڪئي وئي ۽ ان ڏس ۾ جي يو آءِ جي اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم طرفان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين لاءِ اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

سينيٽ چيئرين جي چونڊ لاءِ 98 ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو جنهن کان پوءِ هن جو 5 وڳي تائين انتظار ڪيو ويو.

ووٽنگ جي عمل دوران جماعت اسلامي جي سينيٽر احمد جو نالو ٻيو ڀيرو کنيو ويو پر هو ووٽ ڏيڻ جي لاءِ نه آيو.

ووٽنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڳڻپ ٿي ۽ پوءِ پريذائيڊنگ آفسر مظفر حسين شاهه نتيجن جو اعلان ڪيو.

نتيجن موجب سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ صادق سنجراڻي کي 48 ۽ يوسف رضا گيلاني کي 42 ووٽ مليا جڏهن ته 8 ووٽ رد ٿيا. 7 ووٽرن يوسف رضا گيلاني جي نالي جي مٿان مهر هنئي جنهن جي ڪري اِهي ووٽ رد ٿيا جڏهن ته هڪ ووٽر ٻنهي اميدوارن جي اڳيان مهر هنئي.

سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ صادق سنجراڻي عهدي جو حلف کنيو.

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ:

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ کان پوءِ صادق سنجراڻي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ چونڊ عمل شروع ڪرايو.

ڊپٽي چيئرمين شپ جي لاءِ حڪومت طرفان مرزا محمد آفريدي ۽ مالف ڌر طرفان عبدالغفور حيدري جي وچ ۾ مقابلو هو.

پولنگ کان پوءِ سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن موجب حڪومتي اميدوار مرزا محمد آفريدي 54 ۽ پي ڊي ايم جي مولانا عبدالغفور حيدري 44 ووٽ حاصل ڪيا.

اهڙيءَ ريت اڪثريتي ووٽ حاصل ڪرڻ سبب مرزا محمد آفريدي سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو ۽ صادق سنجراڻي هن کان عهدي جو حلف ورتو.

اجلاس جي ڪارروائي:

اجلاس جي آغاز تي پريذائيڊنگ آفيسر مظفر حسين شاهه ميمبرن کي ووٽ وجهڻ جو طريقيڪار ٻڌايو ۽ غلطي جي صورت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان اڳ سينيٽ جي سيڪريٽري کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پريزائيڊنگ آفيسر چيو ته موبائيل فون، ڪيمرا ۽ ڪا به اليڪٽرانڪ ڊيوائس سان گڏ پولنگ بوٿ ۾ وڃڻ جا اجازت نه هوندي.

سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڳجهي رائي شماري جي ذريعي ڪئي وئي.

مخالف ڌر اتحاد وٽ 51 ميمبرن جي اڪثريت جڏهن حڪومتي اتحاد وٽ 47 ميمبرن جي حمايت هئي ۽ جماعت اسلامي ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.

حڪومت صادق سنجراڻي جي لاءِ محسن عزيز کي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو هو جڏهن ته يوسف رضا گيلاني فاروق ايڇ نائيڪ ۽ عبدالغفور حيدري ڪامران مرتضيٰ کي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو هو.

سينيٽ جي 100 مان 98 سينيٽرن حق راءِ ۾ حصو ورتو، اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار سينيٽ جو حلف نه کڻڻ جي ڪري اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

نون چونڊيل سينيٽرن حلف کنيو:

ان کان اڳ سينيٽ اجلاس جو آغاز صبح 10 وڳي ٿيو جنهن ۾ پريزائيڊنگ آفسر مظفر حسين شاهه 48 نون چونڊيل سينيٽ ميمبرن کان حلف ورتو جهن کان پوءِ سمورن نون چونڊيل سينيٽرن رول آف ميمبر تي صحيح ڪئي جنهن کان پوءِ اجلاس 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

Read Previous

آمريڪا پاڪستان کي ترڪي کان ملندڙ گن شپ هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي روڪرائي ڇڏي

Read Next

صادق سنجراڻي جي ڪري ايوان جو وقار گهٽ ٿيو، کيس استعيفي ڏيڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular