آمريڪا پاڪستان کي ترڪي کان ملندڙ گن شپ هيلي ڪاپٽرز جي فراهمي روڪرائي ڇڏي

آمريڪا پاڪستان کي ترڪي طرفان گن شپ هيليڪاپٽر جي فراهمي کي روڪرائي ڇڏيو آهي.

بلوم برگ جي رپورٽ موجب ترڪ صدر طيب اردگان جي ترجمان ابراهيم ڪالن هڪ  پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته آمريڪا پاران ترڪي طرفان پاڪستان کي 30 گن شپ هيليڪاپٽر جي فراهمي روڪرائي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ امڪان آهي ته پاڪستان اهي گن شپ هيليڪاپٽرز چين کان خريد ڪندو.

گن شپ هيليڪاپٽر ٻن انجڻن تي ٻڌل آهن ۽ اهي ڪنهن به موسم ۾ حملي جي صلاحيت رکن ٿا. جنهن ۾ آمريڪي انجڻ لڳل آهن. پر آمريڪا ترڪ ڪمپني کي انجڻن جي فراهمي جي لاءِ لائسنس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ترڪ صدر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا انجڻ جي  فراهمي روڪي پنهنجي مفادن کي نقصان پهچائي رهيو آهي.

Read Previous

پشاور هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ ايپ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

سينيٽ چونڊ: صادق سنجراڻي چيئرمين ۽ مرزا محمد آفريدي ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويا

Most Popular