حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آهي.
اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت پي ڊي ايم پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن. اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جو وفد به پي ڊي ايم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ يوسف رضا گيلاني شامل آهن. ياد رهي ته اڄ پي ڊي ايم جو هنگامي اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ اسيمبلين مان استعيفائن بابت فيصلو ڪيو ويندو.
پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مسلم ليگ(ن) جي ميزباني هيٺ ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان اسيمبلين مان استعيفائن جو حامي آهي پر پيپلز پارٽي فوري طور تي استعيفائن جي مخالفت ڪري رهي آهي.