ڪورونا وبا: خيبرپختونخواهه جي نو ضلعن ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

خيبرپختونخواهه حڪومت پشاور، چارسده، مردان، صوابي، نوشهره، ڪوهاٽ، مالاڪنڊ، سوات ۽ لوئر دير ۾ اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان جي صدارت هيٺ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ جوڙيل صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ ڪورونا وبا جي گڏيل صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صوبي جي 9 ضلعن ۾ اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن ۾ پشاور، چارسده، مردان، صوابي، نوشهره، ڪوهاٽ، مالاڪنڊ، سوات ۽ لوئر دير شامل آهن.

اهو طئي ڪيو ويو آهي ته جن ضلعن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندي اتي اسڪولن کي بند ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڊيره جات فيسٽيول ۽ جيپ ريلي منعقد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏيندي چيو ويو آهي ته شرڪت ڪندڙ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن ٻئي صورت ۾ پروگرام بند ڪيا ويندا.

Read Previous

آرمي چيف سان ايئرچيف مارشل جي الوداعي ملاقات

Read Next

مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو اجلاس شروع

Most Popular