افغانستان ۾ ٻن مختلف واقعن دوران طالبان جي حملي ۾ ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا.
افعان ميڊيا موجب صوبي هيرات ۾ ڊيم جي حفاظت تي مقرر سيڪيروٽي اهلڪارن تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار مارجي ويا جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، عملدارن موجب طالبان انهن جي حملن جي ذميواري اڃان تائين قبول ناهي ڪئي.
ٻئي طرف صوبائي گورنر جي ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز حملو ڪندڙن جو پيڇو ڪيو ۽ مقابلي جي نتيجي ۾ 5 طالبان مارجي ويا.