مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو اجلاس شروع

حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ شروع ٿي ويو آهي.

اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز سميت پي ڊي ايم پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن. اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جو وفد به پي ڊي ايم اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ راجا پرويز اشرف، شيري رحمان ۽ يوسف رضا گيلاني شامل آهن. ياد  رهي ته اڄ پي ڊي ايم جو هنگامي اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ اسيمبلين مان استعيفائن بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مسلم ليگ(ن) جي ميزباني هيٺ ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ آئنده جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. مولانا فضل الرحمان اسيمبلين مان استعيفائن جو حامي آهي پر پيپلز پارٽي فوري طور تي استعيفائن جي مخالفت ڪري رهي آهي.

Read Previous

ڪورونا وبا: خيبرپختونخواهه جي نو ضلعن ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

افغانستان ۾ طالبانن جي حملن سبب ٽن سيڪيورٽي اهلڪارن سميت پنج ڄڻا مارجي ويا

Most Popular