ڊونلڊ ٽرمپ ميگهن مارڪل جي صدارتي چونڊن ۾ بيهڻ واري خواهش ظاہر ڪري ڇڏي

Trump

آڳوڻي آمريڪي صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته ميگهن مارڪل کي 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ بيهڻ گهرجي.

 آمريڪي ٽي وي فاڪس نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ميگهن مارڪل حصو وٺندي ته هو به وٺندو.

ايوننگ اسٽينڊرڊ موجب ڊونلڊ ٽرمپ ماريا بارٽيرومو سان ڳالهائيندي خواهش ظاهر ڪئي ته ميگهن مارڪل 2024 جون آمريڪي چونڊون وڙهي.

ڊونلڊٽرمپ واضح ڪيو ته هو ميگهن مارڪل جو مداح ناهي ۽ نه ئي هو ان کي گهڻو پسند ڪري ٿو پر هن جو آمريڪي چونڊن ۾ حصو وٺڻ هن جي لاءِ حوصلي جوڳو هوندو.

اڳوڻي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته هو ميگهن مارڪل يا برطانيا جي ملڪا کي گهڻو نٿو سڃاڻي، هو انهن کي ايتروئي سڃاڻي ٿو جيترو ٻيا انهن کي سڃاڻن ٿا.

Read Previous

اداڪاره مٿيرا جو وزيراعظم عمران خان کي مشورو

Read Next

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي ٻن ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي

Most Popular