سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن تي ٻن ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي وڌندڙ واقعن تي 2 ايم پي ايز جي  ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ايم پي اي رتوديرو ۽ ڄامشورو جي ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي ۽ اليڪشن ڪميشن ٻنهي اسيمبلي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو اهي ته اسيمبلي ميمبر تڪ جي ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ڄامشورو ايم پي اي گيناچند ايسراڻي جي تڪ تي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪتن جي ڏاڙهڻ جو واقعو پيش آيو هو.

واقعي ۾ معصوم ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي هئي. جڏهن ته پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر جي تڪ وارث ڏنو ماڇي ۾ به ڪجهه ڏينهن اڳ ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب ٻارڙي جي اک متاثر ٿي هئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عدالتي حڪم جي باوجود ڪتا مار مهم جي نگراني نه ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا پيش اچڻ تي ميمرب شپ معطل ڪئي وئي. ٻين  ضلعن ۾ به سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شپ معطل ڪري سگهجي ٿي.

ان کان علاوه عدالت سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري کان عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ڪتن جي ڏارهڻ جي واقعن تي اسيمبلي ميمبرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو هو.

Read Previous

ڊونلڊ ٽرمپ ميگهن مارڪل جي صدارتي چونڊن ۾ بيهڻ واري خواهش ظاہر ڪري ڇڏي

Read Next

وزيراعظم عمران خان ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي

Most Popular