وزيراعظم عمران خان جي قرنطينه ۾ ورتل تصوير سامهون اچي وئي

وزيراعظم عمران خان جي قرنطينه دوران تازي تصوير سامهون اچي وئي آهي.

شهباز گل وزيراعظم جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي.  رپورٽ موجب شهباز گل سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي وزيراعظم عمران خان جي تصوير شيئر ڪندي چيو ته عمران خان اڄ پنهنجو معمول جو آفيس وارو ڪم ڪري رهيو آهي.

الله جو شڪر آهي  عوام جي دعائن سان وزيراعظم صحتمند آهي. اوهان سڀني جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن جا ٿورائتا آهيون.

ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو ان کان پوءِ ٻنهي  احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ورتو هو.

Read Previous

ڪورونا وائرس: اين سي او سي پابندين ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم جاري، وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

Most Popular