والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا ظلم جاري، وڌيڪ چار ڪشميري نوجوان شهيد

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب نوجوانن کي ضلعي شوپيان جي علائقي مانيهال ۾ شهيد ڪيو ويو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. شهيدن جا وارث ڀارتي ظلمن خلاف گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڀارتي فوج  خلاف احتجاج به ڪيو.

واضح رهي ته ڀارتي فوج طرفان والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس بند آهي. گذريل هفتي به ضلعي شوپيان ۾ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو هو. ڪارروائي ۾ ڪشميرين جي ملڪيتن کي به وڏي پيماني تي نقصان پهچايو ويو هو.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان جي قرنطينه ۾ ورتل تصوير سامهون اچي وئي

Read Next

اداڪاره سوها علي اڳوڻي رانديگر شعيب محمد جي پٽ سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

Most Popular