سنڌ جي تجويز رد، مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نٿو ڪري سگهجي: وزير اعظم

عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻن هفتن جي لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني پر اسان مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نٿا ڪري سگهون.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر ڪورونا ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

وزير اعظم عمران خان ايس او پيز تي هر صورت عملدرآمد جي هدايت ڪئي. ان دوران وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نٿا ڪري سگهون ان ڪري ايس او پيز ۾ غفلت کي نظرانداز نه ڪبو.

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ٻن هفتن جي لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني پر اسان مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نٿا ڪري سگهون، مڪمل لاڪ ڊائون سان ڏهاڙي دار طبقو متاثر ٿيندو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون واري پاليسي برقرار رهندي، اسان جي اسمارٽ لاڪ ڊائون واري پاليسي اڳ ۾ به ڪامياب رهي.

Read Previous

سمارٽ ۽ مائڪرو ڪجهه ناهي هوندو، يا لاڪ ڊائون ڪيو يا نه: مراد علي شاهه

Read Next

ڌريون صدارتي چونڊن تي راضي ٿي وڃن ته عهدو ڇڏي ڏيندس:اشرف غني

Most Popular