سمارٽ ۽ مائڪرو ڪجهه ناهي هوندو، يا لاڪ ڊائون ڪيو يا نه: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون، مائڪرو لاڪ ڊائون ڪجهه ناهي هوندو، رڳو لاڪ ڊائون هوندو آهي يا ناهي هوندو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وبا ڏاڍي خطرناڪ آهي، مون ۾ اينٽي باڊيز آهن پوءِ به ڪورونا کان ڊڄي رهيو آهيان، اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر به ويڪسين ناهي، اسان ويڪسين لڳائي سگهياسين ۽ نه گهرائي سگهياسين.

هن چيو ته لاڪ ڊائون ڪيو يا نه ڪيو، سمارٽ لاڪ ڊائون، مائڪرو لاڪ ڊائون ڪجهه ناهي هوندو، گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن لاءِ انٽر سٽي ٽرانسپورٽ بند ڪيو، ڪورونا تي سنڌ حڪومت جي قدمن کي اڳ به سڀني فالو ڪيو، اسان کي لاڪ ڊائون ڪري وبا جو زور ٽوڙڻو پوندو.

Read Previous

حڪومت پيٽرول اگهن ۾ گهٽتائي جوا علان ڪري ڇڏيو

Read Next

سنڌ جي تجويز رد، مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نٿو ڪري سگهجي: وزير اعظم

Most Popular