مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊن جي عدالتي فيصلي تي نوشين افتخار ۽ ڊسڪه جي عوام مبارڪباد جا مستحق آهن.
پاڪستان جي عوام جاڳي چڪي آهي. پنهنجو حق سڃاڻي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته عوام اليڪشن جي دوران ۽ بعد ۾ ووٽ تي پهرو ڏنو. حڪومت جي لاءِ هاڻ هر ايندڙ ڏينهن ڳرو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چئي رهيا هئا ته(ن) ليگ تي جمعي وارو ڏينهن ڳرو هوندو آهي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو.