ثابت ٿي ويو ته حڪومت ڊسڪه چونڊ ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو: مريم نواز

مريم نواز

اين اي 75 ڊسڪه جي چونڊ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مريم نواز جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو آهي ته(ن) ليگ جي شينهن کي مبارڪباد هجي جنهن ووٽ چور ٽولي جو ڄمي مقابلو ڪيو.(ن) ليگ شينهن پنهنجي ووٽ تي پهرو به ڏنو، شاباس ڊسڪه وارو، شاباش.

هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿي ويو ته هنن عوام جي ووٽ تي ڌاڙو. هنيو ۽ هاڻ صرف ري چونڊ سان ڳالهه نه بڻجندي هنن کي هاڻ ووٽ چوري ڪرڻ جو به حساب ڏيڻو پوندو. مريم نواز چيو ته هنن کي اليڪشن ڪميشن جي عملي  کي اغوا ڪرڻ جي ڏوهه جو حساب ڏيڻو پوندو.

Read Previous

پاڪستان جي عوام ۾ سجاڳي اچي چڪي آهي هو پنهنجا حق سڃاڻي ٿي: مريم اورنگزيب

Read Next

ڊسڪه چونڊ: تحريڪ انصاف جي اپيل رد سپريم ڪورٽ سموري تڪ ۾ ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular