پاڪستان جي عوام ۾ سجاڳي اچي چڪي آهي هو پنهنجا حق سڃاڻي ٿي: مريم اورنگزيب

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊسڪه ۾ ٻيهر چونڊن جي عدالتي فيصلي تي نوشين افتخار ۽ ڊسڪه جي عوام مبارڪباد جا  مستحق آهن.

پاڪستان جي عوام جاڳي چڪي آهي. پنهنجو حق سڃاڻي ٿي. مريم اورنگزيب چيو ته عوام اليڪشن جي دوران ۽ بعد ۾ ووٽ تي پهرو ڏنو. حڪومت جي لاءِ  هاڻ هر ايندڙ ڏينهن ڳرو آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چئي رهيا هئا ته(ن) ليگ تي جمعي وارو ڏينهن ڳرو هوندو آهي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي برقرار رکيو.

Read Previous

صارفين هاڻ واٽس ايپ جي ذريعي پئسا به موڪلي سگهن ٿا

Read Next

ثابت ٿي ويو ته حڪومت ڊسڪه چونڊ ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو: مريم نواز

Most Popular