پب جي گيم کان منع ڪرڻ تي جوابدار ڀيڻ، ڀاڄائي، ڀاءُ ۽ دوست کي قتل ڪري ڇڏيو، ماءُ سخت زخمي

نوان ڪوٽ ۾ نوجوان آن لائن گيم پب جي کيڏڻ کان روڪڻ تي فائرنگ ڪري ڀيڻ، ڀاءُ، ڀاڄائي ۽ پنهنجي دوست کي قتل جڏهن ته ماءُ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

لاهور جي علائقي نوان ڪوٽ جي رهواسي بلال نالي نوجوان گهرن وارن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هڪ عورت ۽ هڪ مرد جي موت جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته 2 زخمي علاج دوران فوت ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ جوابدار جي ڀيڻ ۽ ڀاڄائي کان سواءِ هن جو دوست به شامل آهي، زخمي عورت جوابدار جي ماءُ آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Read Previous

فريال ٽالپر جو اليڪشن ڪميشن ۾ نااهلي ڪيس روڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رابطو

Read Next

پي ڊي ايم پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي شوڪاز موڪلي ڇڏيو

Most Popular