پي ڊي ايم پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي کي شوڪاز موڪلي ڇڏيو

پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جي صدر جي منظوري سان پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي شوڪاز جاري ڪيا ويا آهن، شوڪاز واٽس ايپ ڪيا ويا آهن جنهن جي اصل ڪاپي اڄ سينيٽ اجلاس دوران ڏني ويندي.

هن چيو ته شوڪاز نوٽيس ۾ پڇيو ويو آهي ته توهان حڪومتي بينچ مان کڻي مخالف ڌر جي ڪرسي حاصل ڪئي آهي، اِهو پي ڊي ايم جي نظريي جي خلاف آهي، ان حوالي سان فيصلو پي ڊي ايم جو هوندو، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي جواب جي لاءِ 7 ڏينهن ڏنا آهن، جيڪو جواب ايندو ان کي پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري جو چوڻ هو ته نوٽيس تي لکيل آهي ته پي ڊي ايم ان نوٽيس کي پبلڪ نه ڪندي البت ٻئي پارٽيون چاهن ته نوٽيس کي پبلڪ ڪري سگهن ٿيون.

Read Previous

پب جي گيم کان منع ڪرڻ تي جوابدار ڀيڻ، ڀاڄائي، ڀاءُ ۽ دوست کي قتل ڪري ڇڏيو، ماءُ سخت زخمي

Read Next

ڏکيائي پيش آئي ته حڪومت طرفان ڳالهائينداسين:يوسف رضا گيلاني

Most Popular