عوامي نيشنل پارٽي پي ڊي ايم اتحاد مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

عوامي نيشنل پارٽي پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پشاور ۾ اي اين پي جي مرڪزي ڪائونسل جو اجلاس مرڪزي سينئر نائب صدر امير حيدر  هوتي جي صدارت هيٺ باچا خان مرڪز ۾ ٿيو جنهن ۾ ميان افتخار، ايمل ولي، شاهي سيد، بلوچستان جي صدر اصغر اچڪزئي سينيٽر حاجي هدايت شرڪت ڪئي.

پي ڊي ايم طرفان اي اين پي کي شوڪاز نوٽيس جي معاملي تي غور ڪيو ويو. عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت صلاح مشوري کان پوءِ شوڪاز جي معاملي تي پي ڊي ايم کان ناراضگي جو اظهار ڪندي پي ڊي ايم مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

Read Previous

سنڌ جي صحت واري وزير ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

Read Next

سنڌ ۾ ٻاويهه اپريل کان عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو: سعيد غني

Most Popular