سنڌ جي صحت واري وزير ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو به ڪورونا وائرس تي قابو ڪرڻ جي لاءِ ٽرانسپورٽ معطل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

عذرا پيچوهو چيو آهي ته مسافرن جي اچ وڃ سبب ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. حيدرآباد سڀني کان وڌيڪ 7س يڪڙو اضافي سان گڏ ڪورونا سبب متاثر ٿيو آهي. صحت واري وزير موجب ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 4.3 سيڪڙو رهي.

واضح رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ سبب ان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير به بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏئي چڪو آهي.

Read Previous

فائيو جي ٽيڪنالاجي جي ناڪاري اثرن بابت پي ٽي اي کان جواب طلب

Read Next

عوامي نيشنل پارٽي پي ڊي ايم اتحاد مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular