هڪ جماعت لوندڙيءَ تي بندوق رکي فرانس جي سفير کي ڪڍڻ جو چيو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ جماعت لوندڙيءَ تي بندوق رکي چيو ته فرانس جي سفير کي واپس موڪليو.

ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ٽي ايل پي جو طريقو آهي ته اسلام آباد تي ڪاهه ڪيو، احتجاج ۽ ڀڃ ڊاهه ڪيو، اولهه ۾ گستاخي ان طريقي سان ختم نٿي ٿي سگهي، مسلم حڪمرانن سان جدوجهد جو اسان جو طريقو ڪامياب ٿيندو.

هن چيو ملتان جي عوام کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عثمان بوزدار کي ڇو وڏو وزير چونڊيو ويو، عثمان بوزدار تي ميڊيا ۾ تنقيد ٿيندي آهي، مون کان گهٽ پر ٿيندي آهي، مهم هلندي آهي ته هو وڏي وزير جي اهليت نٿو رکي، اڍائي سال اڳ بالي ووڊ جو ايڪٽر بوٽ پائي بيٺو هوندو آهي، اڍائي سالن جي ڀيٽ ڪيو ته توهان ڇا ڪيو ۽ عثمان ڇا ڪيو، لنڊن جي مهانگن علائقن ۾ ماڻهن محل ورتا، لنڊن جي وزيراعظم وٽ مهانگن علائقن ۾ رهڻ لاءِ پئسو ناهي.

سندس موجب مون کي اهڙو ماڻهو کپندو هو، جنهن جو پاڪستان لاءِ جيئڻ مرڻ هجي، ان کي موڪل لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پئي، اهي ماڻهو پنهنجو پئسو ٻاهر کڻي ويا آهن، عثمان بوزدار کي وڏو وزير بڻائي اڳ ۾ کيس ٽيسٽ ڪيو.

Read Previous

سنڌ حڪومت جو سرڪاري آفيسون، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

Read Next

بابر اعظم تيز ترين 2 هزار ٽي ٽوئنٽي رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو

Most Popular