سنڌ حڪومت جو سرڪاري آفيسون، انٽر سٽي ٽرانسپورٽ ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ سموريون يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ سمورن اسڪولن سميت سرڪاري آفيسون به بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو وي ته سرڪاري آفيسون، اسڪول، ڪاليجز ۽ ٻيا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمورا تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سرڪاري ملازم گهرن مان ڪم ڪندا، ۽ سيڪريٽريز پنهنجي ضروري اسٽاف آفيس گهرائيندا.

اجلاس کان پوءِ ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪورونا صورتحال ۾ اسان اسپتالن جي سهولتن ۾ واڌ ڪئي، سنڌ ۾ هن وقت ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح سڀ کان گهٽ آهي ۽ صحتياب مريضن جي شرح 94 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اِها ئي شرح 84 سيڪڙو آهي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا سبب فوتگين جي شرح 2.7 جڏهن ته سنڌ ۾ 1.75 سيڪڙو آهي. ان سڀ جي باوجود اسان گهٻرايل ۽ پريشان آهيون. گذريل 7 ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي. اهڙي طرح اسان جي صوبي ۾ به فوتگيون وڌيون آهن. نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ سنڌ بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي جي تجويز رکي هئي جيڪا نه مڃي وڱئي، اسان چيو هو ته وفاقي حڪومت بندوبست ڪندي ته اسان ڪنداسين.

Read Previous

فخر زمان ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪري ورتا

Read Next

هڪ جماعت لوندڙيءَ تي بندوق رکي فرانس جي سفير کي ڪڍڻ جو چيو: وزيراعظم

Most Popular