يو ٽيوب صارفين جي لاءِ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

وڊيو اسٽريمنگ ويب سائٽ يو ٽيوب صارفين جو پراڻو مسئلو حل ڪندي ان جي لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

هن نئين فيچر جي تحت هاڻ اوهان پنهنجي يو ٽيوب چينل جو نالو ۽ پروفائل تصوير کي جي ميل اڪائونٽ سان جوڙڻ کان سواءِ ئي تبديل ڪري سگهو ٿا. ان کان اڳ يو ٽيوب ڪرينتر کي چينل جو نالو ۽ آئيڪون تبديل ڪرڻ جي لاءِ سموري گوگل اڪائونٽ ۾ تبديلي ڪرڻي پوندي هئي.

پر اوهان کي اهو به ٻڌائيندا هلون ته هن نئين سهوليت جو هڪ نقصان به آهي ۽ اهو هي ته نالو ۽ آئيڪون تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ صارف پنهنجو ويريفڪيشن بيج وڃائي ويهندو پر هو پنهنجو نئون بيج حاصل ڪرڻ جي ٻيهر درخواست ڪري سگهي ٿو.

Read Previous

ڀارت ۾ وڌيڪ ٻه هزار اٺ سئو ڇهه ڄڻا ڪورونا سبب فوت

Read Next

خيرپور ناٿن شاهه لڳ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

Most Popular