خيرپور ناٿن شاهه لڳ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

خيرپور ناٿن شاهه ڪڪڙ لڳ ڳوٺ پير جڳشينهن موڙ وٽ انڊس هاء وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ ميراوال قمبراڻي رهواسي نوجوان بخشل پُٽ علي اڪبر قمبراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو نوجوان نظر ٻٻر ويٺل ڳوٺ ٿرڙي جادو شهيد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقا اسپتال خيرپور ناٿن شاهه پهچايو ويو، جتي ان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هوڏانهن فوت ٿيل نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

Read Previous

يو ٽيوب صارفين جي لاءِ بهترين فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Read Next

”وزير اعظم سعودي عرب جي دوري مان چانورن جي ٿيلهين کان سواءِ ڇا حاصل ڪيو“

Most Popular