عيد کان پهرين فلسطينين تي اسرائيل جا حملا، بمباري ۾ ٻارن سميت 24 ڄڻا شهيد

رمالا(ويب ڊيسڪ) عيد کان فلسطينين تي اسرائيل ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي، غزه تي وحشياڻي بمباري ڪري ڏني، 130 حملن ۾ ڪيتريون ئي رهائشي عمارتون نشانو بڻيون.

بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ24 ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ٻار به شامل آهن جڏهن ته 180 فلسطيني زخمي به ٿي پيا.

حملن ۾ حماس جا 15 ڪمانڊر به مارجي ويا. فلسطيني صدر محمود عباس غزه تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ عيد جون تقريبون رد ڪري ڇڏيون آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري فلسطينين جي خلاف اسرائيلي ڏوهه روڪڻ لاءِ فوري بندوبست ڪري.

Read Previous

والاريل ڪشمير جي حيثيت بحال ٿيڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون: وزيراعظم

Read Next

ڀارت ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، اميتاڀ بچن دنيا کان مدد جي اپيل ڪري ڇڏي

Most Popular