والاريل ڪشمير جي حيثيت بحال ٿيڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون: وزيراعظم

عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ٿيڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿينديون.

اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ عوام سان سڌي ريت ڳالهين دوران عمران خان چيو ته اولهه جي  ملڪن ڀارت کي چين جي خلاف معاشي ويڙهه لاءِ  تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ڪري ڪشمير ۾ ظلمن تي خاموش بڻيل آهن.

هن چيو ته جڏهن ڪنهن انساني بحران جي معاملي ۾ ڀارت جو نالو ايندو آهي ته اولهه جا  ملڪ پنهنجي مفادن جي ڪري خاموشي اختيار ڪري وٺندا آهن ته ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جا ظلم ڪهڙا آهن.

ان کان سواءِ ٻين موضوعن تي ڳالهائيندي هن چيو ته قوم ڪورونا وائرس بابت ايس او پيز تي عمل ڪري، عيدالفطر جي موڪلن ۾ پنهنجي قوم ۽ ماڻهن جو خيال رکو، ايس او پيز جو جيترو خيال رکبو، اوترو جلد ان ڏکي وقت کان نڪري وينداسين.

وزيراعظم ڀارت ۾ ڪورونا سبب پيدا ٿيل حالتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ بيهجي ويو آهي يعني ۾ معمول کان وڌيڪ واڌ ناهي ٿي رهي جڏهن ته ڀارت بدترين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان تاڪيد ڪئي ته ماسڪ جو استعمال يقيني بڻايو وڃي ڇو جو ماسڪ سان ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو 50 سيڪڙو گھٽجي وڃي ٿو.

سندس چوڻ هو ته لاڪ لڳائڻ تي مجبور نه ٿي وڃا ڇو جو ان جو وڏو نقصان غريبن کي ٿيندو آهي.

لائيو ٽيلي فون ڪال ۾ ملڪ ۾ قانون جي بالادستي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انساني تاريخ ۾ ترقي ڪيل قومن سدائين قانون جي بالادستي کي اهميت ڏني.

وزيراعظم چيو ته هڪ انسانن ۽ ٻيو جانورن جو قانون آهي، ٻين نمبر قانون ۾ طاقت جي بالادستي آهي، جيترو سٺو قانون هوندو ڪمزور ۽ طاقتور هڪ هوندو.

عمران خان چيو ته ملڪ ان وقت تباهه ٿيندو آهي جڏهن سربراهه يا طاقتور طبقو پيسو چوري ڪندو آهي ۽ اهو پيسو مني لانڊرنگ جي ذريعي پرڏيهه موڪليو ويندو آهي.

وزيراعظم گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته هر سال هڪ ارب ڊالر غريب ملڪن کان چوري ٿي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو وڏو مسئلو قانون جي عدم بالادستي آهي جنهن جو بنياد جسٽس منير رکيو ۽ آمريت جي اجازت ڏني تڏهن کان انصاف ڪڏهن آيو ئي ڪو نه.

Read Previous

”وزير اعظم سعودي عرب جي دوري مان چانورن جي ٿيلهين کان سواءِ ڇا حاصل ڪيو“

Read Next

عيد کان پهرين فلسطينين تي اسرائيل جا حملا، بمباري ۾ ٻارن سميت 24 ڄڻا شهيد

Most Popular