نيب شهباز شريف جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب نيب لاهور مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم اپيل داخل ڪرڻ جي لاءِ تياري شروع ڪري ڏني آهي.

نيب طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا قدم آئين ۽ قانون موجب ڪنهن به دٻاءُ جي خاطر ۾ آڻڻ کان سواءِ کنيا  ويندا. واضح رهي ته لاهور هاء ڪرٽ  شهباز شريف کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو هو ۽ پوءِ عدالت کيس 9 هفتن جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني پر لاهور  ايئرپورٽ تان روانگي جي موقعي تي اميگريشن اختيارين کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني.

ٻئي طرف حڪومت به شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

ڪرپشن جو هاڻ ڪرڪيٽ ۾ ڪو وجود نه رهيو آهي:آءِ سي سي

Read Next

حديبيه ريفرنس ثبوت نه هجڻ سبب قانوني طور تي ختم ٿي چڪو آهي: مريم اورنگزيب

Most Popular