حديبيه ريفرنس ثبوت نه هجڻ سبب قانوني طور تي ختم ٿي چڪو آهي: مريم اورنگزيب

مريم اورنگزيب چيو آهي ته حديبيه ريفرنس ثبوت نه هجڻ سبب قانوني طور تي ختم ٿي چڪو آهي. نااهلي لڪائڻ لاءِ ڪيس کي ٻيهر کوليو پيو وڃي. ڇا کنڊ، اٽي ۽  گيس چورن کي اڄ تائين پڪڙيو ويو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي. وزيراعظم دوري تان واپسي کان پوءِ شهباز شريف جي ضمانت تي بريفنگ ورتي. عمران خان مهانگائي يا ڪورونا تي بريفنگ ناهي ورتي.

شهباز شريف جي خلاف هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ثابت ناهي ٿي. شهباز شريف تي آشيانه ۽ صاف پاڻي ڪيس بابت ٻيا ڪيس ٺاهيا ويا.

مريم اورنگزيب  چيو ته هي عدالت ۾ ڪجهه به ثابت نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري وزير بيان ڏنو آهي ته حديبيه  ڪيس ٻيهر کوليو ويندو. 2000ع ۾ ڊڪٽيٽر نيب جي  ذريعي حديبيه ملز جو ڪيس ٺاهيو. 58 واليم ۾ هڪ شخص به شهباز شريف جي خلاف گواهي نه ڏني.

Read Previous

نيب شهباز شريف جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

فيس بڪ صارفين لاءِ ڪهڙن نون فيچرز جي آزمائش شروع ڪئي آهي؟

Most Popular