اسرائيلي حملن کانپوءِ امن لاءِ ڪهڙي به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيون:ترڪ صدر

استنبول: ترڪي جي صدر طيب اردوان چيو آهي ته اسرائيل جي فلسطين تي حملن بعد خطي ۾ امن لاءِ ڪهڙي به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيون.

ترڪ صدر طيب اردوان چيو آهي ته والاريل بيت المقدس جي حفاظت پوري انسانيت جي ذميواري آهي.

هن چيو ته اسرائيل جي حملن تي سياسي مفادن جي ڪري اکيون بند ڪيون ويون پر اسان فلسطين مٿان ٿيندڙ اسرائيلي ظلم تي خاموش نه ويهنداسين.

گذريل ڏينهن به ترڪ صدر فلسطينين تي اسرائيلي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو هو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عالمي برادري اسرائيل کي سبق سيکاري.

Read Previous

ٽوئٽر اداڪاره وينا ملڪ جي اسرائيل مخالف ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏي

Read Next

جهاز جي حادثي کانپوءِ پيراشوٽ ذريعي لينڊنگ، وڊيو وائرل

Most Popular