جهاز جي حادثي کانپوءِ پيراشوٽ ذريعي لينڊنگ، وڊيو وائرل

واشنگٽن: آمريڪا ۾ اڏام دوران ٻن جهازن جو پاڻ ۾ حادثو ٿي پيو، جنهن ۾ خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته هاڻ ان حادثي ۾ هڪ ننڍي جهاز جي پيراشوٽ جي ذريعي زمين تي محفوظ طريقي سان لهڻ جي وڊيو منظر عام تي آئي آهي.

سماجي ويب سائيٽ تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ انجڻ واري ننڍي جهاز ”سرس ايس آر 22“ کي فضا مان پيراشوٽ جي ذريعي ميداني علائقي ۾ لهندي ڏسي سگهجي ٿو.

حادثي ۽ ان کانپوءِ پيراشوٽ جي مدد سان ڪيل ”هنگامي لينڊنگ“ ۾ جهاز کي معمولي نقصان پهتو ۽ ٻئي پائليٽ مڪمل طور محفوظ رهيا، جڏهن ته اهو جهاز فضا ۾ جنهن مال برادري جهاز سان ٽڪرايو هو اهو ايئرپورٽ تي حفاظت سان لهي ويو هو.

واضح رهي ته ڪارگو جهاز ۽ هڪ انجڻ واري ننڍي جهاز وچ ۾ حادثو 12 مئي تي ٿيو هو، واقعي جي تحقيقات لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

Read Previous

اسرائيلي حملن کانپوءِ امن لاءِ ڪهڙي به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهيون:ترڪ صدر

Read Next

وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي گرفتار ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب

Most Popular