وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي گرفتار ڪيو وڃي: مريم اورنگزيب

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي گرفتار ڪيو وڃي.

مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رنگ روڊ منصوبي جي  وڌيڪ جاچ جي ضرورت نه آهي. ان جا ثبوت عوام جي سامهون آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي گرفتار ڪيو وڃي. ڇو ته عمران خان 4 فيبروري 2021 تي رنگ روڊ منصوبي ۾ تبديلين جي پاڻ منظوري ڏني هئي.

(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته عمران خان پنهنجي ئي ڏنل حڪم جي جاچ ڇو ڪرائي رهيو آهي؟ حڪم ڏئي ڪنهن کي فائدو پهچايو ويو ۽ منصوبو روڪي ڪنهن کي فائدو ڏئي رهيا آهن. ياد رهي ته رنگ روڊ راولپنڊي منصوبي ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ هن حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ وڏا وڏا نالا ۽ وڏا وڏا آفيسر ڏوهاري نڪتا آهن.

Read Previous

جهاز جي حادثي کانپوءِ پيراشوٽ ذريعي لينڊنگ، وڊيو وائرل

Read Next

سامونڊي طوفان جو رخ تبديل، پاڪستان جي سامونڊي پٽي تان خطرو ٽري ويو

Most Popular