مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي گرفتار ڪيو وڃي.
مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته رنگ روڊ منصوبي جي وڌيڪ جاچ جي ضرورت نه آهي. ان جا ثبوت عوام جي سامهون آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي گرفتار ڪيو وڃي. ڇو ته عمران خان 4 فيبروري 2021 تي رنگ روڊ منصوبي ۾ تبديلين جي پاڻ منظوري ڏني هئي.
(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته عمران خان پنهنجي ئي ڏنل حڪم جي جاچ ڇو ڪرائي رهيو آهي؟ حڪم ڏئي ڪنهن کي فائدو پهچايو ويو ۽ منصوبو روڪي ڪنهن کي فائدو ڏئي رهيا آهن. ياد رهي ته رنگ روڊ راولپنڊي منصوبي ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ هن حڪومت ۾ ڪم ڪندڙ وڏا وڏا نالا ۽ وڏا وڏا آفيسر ڏوهاري نڪتا آهن.