بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي حيدر علي جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ

اڳوڻي ڪرڪيٽر ظهير عباس نوجوان بيٽسمين حيدر علي جي ناڪامي جو سبب بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي کي قرار ڏئي ڇڏيو.

پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ www.cricketpakistan.com.pk جي پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي ظهير عباس چيو ته حيدر علي کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ئي چونڊيو ويو هو، ڪجهه ٽاپ آرڊر بيٽسمين مڊل ۾ سيٽ ناهن ٿي سگهندا، انهن جو هڪ ذهن ٺهيل هوندو آهي، منهنجي خيال ۾ حيدر علي کي هيٺين نمبرن تي آزمائڻ کان اڳ ۾ کيس پريڪٽس ڪرائڻ گهرجي ها، هاڻ ڊراپ ڪرڻ بدران کيس وڌيڪ موقعو ڏيڻ مناسب هوندو.

مڊل آرڊر جي مضبوطي لاءِ شعيب ملڪ سميت ٻين سينيئرن جي ٽيم ۾ واپسيءَ جي سوال تي اڳوڻي ڪپتان چيو ته حتمي فيصلو مئنيجمينٽ کي ڪرڻو آهي، ڪوچ چاهيندا هوندا ته نوجوان ڪرڪيٽرن کي موقعو ڏيون ته جيئن اهي ورلڊ ڪپ تائين ميچون کٽرائڻ جهڙا ٿي وڃن، بابر اعظم ۽ محمد رضوان سٺي فارم ۾ آهن، بابر اعظم قيادت جو حق ادا ڪري رهيو آهي ۽ ٽيم جو تاج آهي، هاڻ ٻيا بيٽسمين کانئس سکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته محمد رضوان به پاڻ مڃرايو آهي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان جهڙا ٻه ٽي ڪرڪيٽر وڌيڪ ملي ويا ته پاڪستاني ٽيم دنيا جي بهترين ٽيمن مان هوندي.

Read Previous

پنجاب ۾ سترنهن مئي کان ڪاروباري سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت

Read Next

شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ وارو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج

Most Popular