پنجاب ۾ سترنهن مئي کان ڪاروباري سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت

پنجاب ۾ سموريون ڪاروباري سرگرميون 17 مئي کان شروع ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب اين سي او سي جي فيصلن کان پوءِ پنجاب حڪومت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت  سموري صوبي ۾ سمورا ڪاروبار 17 مئي کان کولي سگهبا. پر سموريون ڪاروباري سرگرميون شام  جو بند ڪيون وينديون.

نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ اڄ کان پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان هلي سگهنديون پر لاهور ۽ راولپنڊي سميت 21 ضلعن ۾ شادين تي مڪمل پابندي هوندي ۽ سمورا شادي هالز، مارڪيٽون بند رهنديون. سموريون هوٽلون ۽ ريسٽورينٽ تان صرف ٽيڪ اويز سروس ڪري سگهبي.

Read Previous

ٽيهن سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جي ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن شروع

Read Next

بيٽنگ آرڊر ۾ تبديلي حيدر علي جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ

Most Popular