ڪراچي ۾ اڄ به گرميءَ جو راڄ، پارو 43 ڊگري تي پهچي ويو

ڪراچي ۾ اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن به گرميءَ جو راڄ رهيو ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 43.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب بلوچستان کان ايندڙ گرم هوائون 25 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي رهيون آهن ۽ وڌيڪ ايندڙ ٻه ڏينهن موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي.

انهن گرم هوائن جو سبب سامونڊي طوفان جي چوڌاري هلندڙ 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون آهن.

رڳو اهو ئي نه پر گذريل رات به ڪراچي ۾ 6 ورهين دوران گرم ترين رات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن دوران پارو 32 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

Read Previous

واٽس ايپ پاران پرائيويسي پاليسي قبول نه ڪندڙن لاءِ نئون پيغام

Read Next

رابعا بٽ به فيصل ايڌي سان گڏ فلسطين وڃڻ جي خواهشمند

Most Popular