رابعا بٽ به فيصل ايڌي سان گڏ فلسطين وڃڻ جي خواهشمند

ناليواري اداڪارا رابعا بٽ به فيصل ايڌي سان گڏ فلسطين وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. اداڪارا انسٽاگرام تي سماجي اڳواڻ فيصل ايڌي جي تصوير تي داخل ڪيپشن اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن چيو خواهش آهي ته مان به فيصل ايڌي سان گڏ سفر ڪري سگهان.رابعا بٽ موجب مان اڄ فلسطين جي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جو سوچي رهي هيس ته جيئن پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪري سگهان.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي فلسطين وڃڻ لاءِ ويزا جي درخواست ڏني هئي ۽ چيو هو ته ايڌي فائونڊيشن تي فلسطين ۾ امدادي ڪارروائين ۾ حصو وٺڻ چاهيون ٿا.

Read Previous

ڪراچي ۾ اڄ به گرميءَ جو راڄ، پارو 43 ڊگري تي پهچي ويو

Read Next

اسرائيل جي بمباري: اسلامي يونيورسٽي جي عمارت تباهه، شهادتون ٻه سئو ٻارنهن ٿي ويون

Most Popular