رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ڪنهن به وزير يا صلاحڪار جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو: فواد چوڌري

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ اڃان تائين ڪنهن به وزير يا  صلاحڪار جي ملوث هجڻ جو ڪوبه ثبوت ناهي مليو. 

فواد چوڌري ٽوئٽر تي  جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾  ئي الزام لڳندا آهن ته جاچ ٿيندي آهي نه ته .(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي رهندا هئا. وفاقي وزير چيو ته اهائي نظام ۾ تبديلي آهي ته حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو ڊپ هجڻ گهرجي.

هائوسنگ سوسائٽيز کي فائدو پهچائڻ لاءِ رنگ روڊ کي 23 ڪلو ميٽر تائين وڌايو ويو آهي. فيصلي سبب حڪومت کي 20 ارب روپيه اضافي زمين جي خريداري جي مد ۾ ڏيڻا پيا. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي احتساب واري پاليسي واضح  آهي.

وزيراعلي کي چيو ويو ته جاچ ڪريو.  راولپنڊي جي ڪمشنر کي به چيو ويو ته معاملي کي ڏسو وڌيڪ جاچ جي لاءِ معاملو لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيو وڃي.

Read Previous

غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، شاهه محمود قريشي سفارتي مشن تي ترڪي پهچي ويو

Read Next

نوازشريف جون ضبط ٿيل ملڪيتون ويهه مئي تي نيلام ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular