وفاقي ڪابينه جو اجلاس: فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري

وفاقي ڪابينه فلسطين جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينه فلسطين جي لاءِ امدادي سامان  موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اجلاس ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب واري دوري تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ فلسطين جي موجوده صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه وفاقي ڪابينه اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.

اي سي سي آءِ پي پيز کي 40 سيڪڙو واجبات ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. وفاقي ڪابينه ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز  مان ڇوٽ ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته ٽيڪنيڪي معاملن کي ڏسڻ جي لاءِ معاملو پيپرا ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

Read Previous

نوازشريف جون ضبط ٿيل ملڪيتون ويهه مئي تي نيلام ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

پاڪستان ۾ گم ٿيل فون بلاڪ ڪرائڻ جو سولو طريقو متعارف

Most Popular