پاڪستان ۾ گم ٿيل فون بلاڪ ڪرائڻ جو سولو طريقو متعارف

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن (پي ٽي اي) طرفان گم ٿيل يا کسيل فون کي بلاڪ ڪرڻ جو طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي.

موبائيل فون گم ٿيڻ جي صورت ۾ صارف کي سڀ کان وڌيڪ جنهن شئي جي فڪر هوندي آهي اُها موبائيل فون ۾ موجود ڊيٽا هوندي آهي، جيڪڏهن بروقت فون کي بلاڪ يا رپورٽ نه ڪرايو وڃي ته ڪير به ان جو غلط استعمال ڪري توهان لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ آن لائن طريقو واهپيدارن کي ٻڌايو آهي جنهن جي تحت گهر ويٺي پنهنجي شڪايت ڪري سگهجي ٿي.

دي نيو لاسٽ اينڊ اسٽولن ڊيوائسس سسٽم جي تحت توهان شڪايت ڪري سگهو ٿا، پي ٽي اي جي شڪايت جي ويب سائيٽ تي وڃو ۽ ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو. توهان کي پنهنجي ڪجهه بنيادي تفصيل ٻڌائڻي پوندي جيئن نالو، پتو، اي ميل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر وغيره.

ان کان سواءِ توهان کي گم ٿيل فون جي تفصيل به ٻڌائڻي پوندي.

درخواست داخل ڪرائڻ کان پوءِ توهان کي ريفرنس نمبر ڏنو ويندو جنهن کان پوءِ 24 ڪلاڪن جي اندر فون بلاڪ ڪيو ويندو.

Read Previous

وفاقي ڪابينه جو اجلاس: فلسطين لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي منظوري

Read Next

ڪراچي ۾ اوچتو آنڌاري کانپوءِ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

Most Popular