پنجاب حڪومت جي انتقامي ڪارروائين تي آواز اٿارڻ لاءِ گروپ ٺاهيو: جهانگير ترين

پي ٽي آءِ ۾ پنهنجي هم خيال ميمبرن جو گروپ ٺاهيندڙ جهانگير ترين چيو آهي ته پنجاب حڪومت انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي، جنهن خلاف آواز اٿارڻ لاءِ گروپ ٺاهيو.

لاهور ۾ عدالت پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته منهنجي خلاف ٽنهي ايف آءِ آرز ۾ کنڊ جو ڪو ذڪر ناهي، انهن ايف آءِ آرز جو کنڊ مافيا يا اسڪينڊل سان ڪو واسطو ناهي، عدالتن ۾ مسلسل پيش ٿي رهيا آهيون ۽ گهريل دستاويز لاڳاپيل اختيارين کي فراهم ڪيا ويا آهن، سوالن جي مڪمل مني ٽريل ايف آءِ اي کي ڏئي ڇڏي آهي.

هن چيو ته منهنجي خلاف ايف آءِ آر تي دوست مون سان گڏ بيٺا آهن، گذريل رات هڪ طوفان اچي ويو ته اسان پي ٽي آءِ کان هٽي رهيا آهيون، اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ناهي ٽُٽي، ڪو فارورڊ بلاڪ ناهي ٺهيو، اسان حڪومت سان گڏ آهيون، الڳ گروپ هر پارٽي ۾ هوندا آهن، اسان پي ٽي آءِ جو حصو هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين، اسان جو گروپ ڪالهوڪو نه ٽن مهينن کان ٺهيل آهي.

سندس موجب منهنجا دوست جڏهن وزيراعظم سان مليا ته علي ظفر کي وزيراعظم چيو توهان ايف آءِ اي ۽ اسان جي ماڻهن سان به ملو، انصاف ڪيو ۽ حقيقت سامهون آڻيو، علي ظفر سان اسان جي وڪيلن جي تفصيلي ميٽنگ ٿي، اميد ته ان جي رپورٽ جلد منظر تي ايندي يا وزيراعظم کي هلي ويندي، عمران خان انصاف پسند شخص آهي ۽ اسان کي انصاف ڏيندو.

Read Previous

مافيا گڏجي اين آر او پئي گهري پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي: وزيراعظم

Read Next

اين سي او تعليمي ادارا ۽ سياحت کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Most Popular