مافيا گڏجي اين آر او پئي گهري پر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سموري مافيا گڏ ٿي مون کان اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي.

پشاور ۾ صنعتي ورڪرز لاءِ رهائشي منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي خواب جي باري ۾ ڪنهن سمجهايو ئي نه، ماضي ۾ ڪنهن به مزدور طبقي لاءِ نه سوچيو، وڏن لاءِ اين آر او ۽ غريب جيلن ۾ وڃي رهيا آهن.

هن چيو ته موجوده حڪومت شهرين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 2013 کانپوءِ خيبر پختونخواهه ۾ غربت ۾ گهٽتائي آئي، ڪي پي ۾ انسانن تي سيڙپڪاري ڪئي وئي، ڪي پي جي شهرين وٽ صحت ڪارڊ موجود آهي، 5 سال پورا ٿيڻ تي صحت جو انقلاب ايندو.

سندس چوڻ هو ته اسان ايندڙ چونڊن جو نه پر قوم جي مستقبل جو سوچيو آهي، ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي آهي، 5 سالن کانپوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪمزور طبقو ڪيترو مٿي آيو، عام ماڻهو کي پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ هاڻ بئنڪون قرض ڏينديون، هڪ ماڻهو جيتري مسواڙ ڏيندو آهي، ان جي ايتري بئنڪ قسط هجڻ گهرجي.

Read Previous

نواز شريف جي ملڪيت نيلامي روڪرائڻ جون درخواستون رد

Read Next

پنجاب حڪومت جي انتقامي ڪارروائين تي آواز اٿارڻ لاءِ گروپ ٺاهيو: جهانگير ترين

Most Popular