نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر (اين سي او سي) ڪورونا پابندين ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اهو فيصلو اسلام آباد ۾ اين سي او سي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو.
پڌرائيءَ موجب 24 مئي کان ايس او پيز تحت سياحت کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ريسٽورنٽس ۽ هوٽلن ۾ آئوٽ ڊور ڊائننگ رات 12 وڳي تائين کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ هوٽلز ۾ ٽيڪ اوي جي سهولت 24 ڪلاڪن لاءِ ڪئي وئي آهي.