خبردار! هيڊ فون سان ڊرائيونگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: تحقيق

ڊرائيونگ تمام گهڻو ڌيان گهري ٿي جنهن ۾ فون ٻڌڻ، ڊسپلي تي فلم ڏسڻ يا کائڻ پيئڻ سان اسان جو ڌيان ٻئي طرف وڃي سگهي ٿو ان حوالي سان ڪيترائي ماڻهو هيڊ فون ۽ ايئرفون لڳائي ڊرائيونگ کي معمولي سمجهندا آهن.

هاڻ هڪ تحقيق سان خبر پئي آهي ته اهو عمل به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. آمريڪي ڪمپني فورڊ يورپ ۾ هڪ ڊگهو مطالعو ڪيو آهي جنهن جا نتيجا يو ٽيوب تي پوسٽ ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان هڪ ايپلي ڪيشن ٺاهي وئي هئي جنهن کي اٺ ڊائمينشن يا ايٽ ڊي جو نالو ڏنو ويو هو. ڪنٽرول ٿيل حالاتن ۾ اها ايپ اوهان جي ٻڌڻ سان هڪ اهڙو منظر قائم ڪندي آهي  ته ائين لڳندو آهي جيئن اوهان حقيقي طور تي هر طرف آوازن ۾ گهيريل هوندا آهيون.

Read Previous

ماتلي جي صوبائي تڪ پي ايس ستر تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ

Read Next

ثنا خان فلسطين لاءِ دعاڳو

Most Popular