ماتلي جي صوبائي تڪ پي ايس ستر تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 70 ماتلي ۾ ننڍي چونڊ جي لاءِ پولنگ جاري آهي جيڪا صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.

اها سيٽ پپيلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر بشير هاليپوٽي جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي. جنهن تي پيپلز پارٽي جي اميدوار حاجي محمد ڏاڏا هاليپوٽو ۽ جي يو آءِ سنڌ جي مولانا گل حسن وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. انتظاميه 123 پولنگ اسٽيشنن مان 41 کي حساس ۽ 12 کي انتهائي حساس قرار ڏنو آهي.

  ان حوالي سان ڊي سي بدين چيو آهي ته پولنگ ڪورونا ايس او پيز تحت ڪرائي پئي وڃي. ووٽرز ايس او پيز تحت ماسڪ پهري اچن.

Read Previous

عدالت شيخ رشيد کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

Read Next

خبردار! هيڊ فون سان ڊرائيونگ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: تحقيق

Most Popular