فلسطين جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ پيج تي

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف طرفان گڏيل قومن کي يادداشت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته حڪومت به مخالف ڌرجي آڇ ڪري ورتو.

عوام لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه اِها آهي ته فلسطين عاملي تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر گڏ نظر آيون، گذريل ڏينهن ايوان ۾ فلسطين تي ظلمن جي حوالي سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن تي اڄ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تجويز ڏني ته ان ٺهراءُ کي گڏيل قومن جي آفيس ۾ وڃي پيش ڪرڻ گهرجي.

شهباز شريف گڏيل قومن کي يادداشت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته نه رڳو پيپلز پارٽي ان قدم کي خوشي جوڳو قرار ڏنو پر حڪومت به ان آڇ کي قبول ڪيو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ چيف وهيپ عامر ڊوگر چيو ته سڄو ايوان فلسطين جي معاملي تي هڪ پيج تي آهي، سمورين پارٽين ۽ ميمبر جو ٿورائتو آهيان. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جو موقف گڏيل طورتي وڃڻ سان سٺو پيغام ويندو.

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس مان اسرائيلي بربريت جي خلاف ٺهراءُ گڏيل هو، فلسطين جي حق ۾ ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي دل جي غمازي ٿو ڪري، قومي اسيمبلي مان منظور ٺهراءُ اڄ يو اين آفيس ۾ وڃي پيش ڪيو ويندو، حڪومت طرفان جيڪو به اسان سان هلڻ چاهي گڏ هلي، حڪومتي ميمبر به اسان سان گڏ هن ته اِها فلسطين ڪاز جي وڏي خدمت هوندي.

Read Previous

ثنا خان فلسطين لاءِ دعاڳو

Read Next

چمن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت

Most Popular