چمن ۾ جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو، 6 ڄڻا فوت

ساجد مهمند روڊ تي جي يو آءِ نظرياتي اڳواڻ قادر لوڻي جي گاڏي جي ڀرسان ٿيل ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

بلوچستان جي ضلعي چمن جي علائقي ساجد مهمند روڊ تي جمعيت علماءِ اسلام نظرياتي اڳواڻ قادرلوڻي جي گاڏي جي ڀرسان ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب جي يو آءِ جي تحت فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل جي خلاف ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي پڄاڻي واري مقام تي مبينا طور تي موٽر سائيڪل ۾ لڳل ڌماڪيدار مواد کي ريمورٽ جي ذريعي اڏايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ جي يو آءِ جو نظرياتي اڳواڻ قادر لوڻي محفوظ رهيو پر هو معمولي زخمي ٿيو، ڌماڪي جي زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ قادر لوڻي سميت 6 زخمين کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو ويو،علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ گڏيل طور تي هن وقت تائين 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

Read Previous

فلسطين جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ پيج تي

Read Next

”وڏن تائين هٿ نه پهچڻ سبب نيب ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام رهيو“

Most Popular