جڏهن سهانا ڪنهن کي پسند ڪندي ته قبول ڪرڻ کان علاوه ڪجهه نه چوندس: شاهه رخ خان

بالي ووڊ جو بادشاهه شاهه رخ خان اڄ پنهنجي ڌيءَ سهانا خان جي 21هين سالگره ملهائي رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا  پاران رپورٽن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اداڪار شاهه رخ خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سهانا خان سان گڏ ڊيٽ جي خواهشمند ڇوڪري جي لاءِ 7 نقطن جو ذڪر ڪري چڪو آهي. شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته سهانا جي مستقبل جي بواءِ فرينڊ جي لاءِ 7 نقطن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي جيڪي هي آهن.

1. نوڪري حاصل ڪرڻ، 2. هو سمجهي ته مان کيس پسند نٿو ڪريان، 3. مان هر جڳهه آهيان، 4. وڪيل  جون خدمتون حاصل ڪري، 5. سهانا کي منهنجي شهزادي سمجهي نه  ڪا پنهنجي ملڪيت، 6. مون کي جيل وڃڻ ۾ ڪوبه اعتراض نه آهي. 7. اوهان سهانا سان جيڪو به ڪندو مان اوهان سان اهوئي ڪندس.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس

Read Next

واٽس ايپ صارفين جي اڪائونٽ کي محفوظ بنائڻ لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular