وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ کيس ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال سميت اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر پهتو ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سندس استقبال ڪيو. جنهن کان پوءِ هڪ اهم اجلاس ۾ وزيراعظم کي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

ان اهم اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اعليٰ عسڪري اختيارين ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين به شرڪت ڪئي.

Read Previous

بليڪ لسٽ وارو معاملو: شهباز شريف داخل ڪيل درخواستون واپس وٺي ڇڏيون

Read Next

جڏهن سهانا ڪنهن کي پسند ڪندي ته قبول ڪرڻ کان علاوه ڪجهه نه چوندس: شاهه رخ خان

Most Popular